شفتل گاهه

شفتل گاهه: شفتل ربيع جو هڪ گاهه وارو فصل آهي، هن فصل جي ڪٽائي بعد ٻيهر واڌ تمام بهتر ٿيندي آهي، جنهن جي چاري يا سڪل گاهه طور وڌيڪ غذائي اهميت آهي. هن گاهه واري فصل ۾ سم ۽ ڪلر برداشت واري قوت وچولي قسم جي آهي. هي فصل جَوَ يا ڪڻڪ سان ملاوٽ يا گڏيل پوک ڪري سياري واري گاهه جي پيداوار ۾ اضافو آڻي ٿو. هن فصل جو اصل وطن ترڪي، افغانستان، يونان، ايران ۽ عراق آهي. هي فصل 1990ع ۾ آسٽريليا جي ٿڌن علائقن ۾ متعارف ٿيو ۽ ڪاميابيءَ سان پوکيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ ٿڌ وارا علائقا وڌيڪ موزون آهن. هي فصل صوبي سرحد ۾ وڌيڪ ايراضيءَ تي پوکيو وڃي ٿو ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ برسيم جي مقابلي ۾ اچڻ سبب گهٽ پوکيو وڃي ٿو. هن فصل جي پوکي چيڪي لٽاسي، ڳري چيڪي زمين ۾ ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو سٺو بندوبست هئڻ ضروري آهي. هن فصل جي پوک لاءِ ٻه يا ٽي هر ڏئي زمين کي نرم ۽ هموار ڪرڻ بعد پوکي ڪئي وڃي ٿي. شفتل گاهه جي پوک سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪئي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته گرميءَ جي حالت ۾ ٻج جو ڦوٽهڙو گهٽ ٿيندو آهي. هي عام طور تي پاڻيءَ ۾ ڇٽ ذريعي پوکيو وڃي ٿو، پر خشڪ فصل طور ناڙي وسيلي به پوکي ڪري سگهجي ٿو. هن گاهه جي خشڪ ايراضي ۾ پوکي لاءِ 2 ڪلو گرام في ايڪڙ ٻج پر آبپاشيءَ واري فصل لاءِ 2 کان 3 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج ڏجي. هي ڦرين وارو فصل آهي، جنهن کي فاسفورس کان سواءِ نائٽروجن ڀاڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، گاهه جي وڌ ۾ وڌ پوکي لاءِ عام طور 50 ڪلوگرام في ايڪڙ فاسفورس ڀاڻ ڏجي ٿو. هن فصل کي پهريان پاڻي جلدي ۽ باقي پاڻي 15 ڏينهن جي وقفي سان ڏنو وڃي ٿو. ڪل 5 کان 6 ڀيرا پاڻي ڏجي ٿو. فصل جي ڪٽائي وقفي وقفي سان 15 کان 20 ڏينهن بعد ڪئي وڃي ٿي. في ايڪڙ مان 8 کان 10 مڻ پيداوار ملي ٿي.


لفظ شفتل گاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو